اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙ ??اه?? رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين الزام رڳو عمر??ن خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ”مرد روبوٽ ناهن هوندا“ چوندڙ ۽ لباس جي ڪري عورتن ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙين تي حملن جي وڪالت ڪندڙ سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙو ??اه?? رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، وزيراعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو، ان جي ڏنل ثبوت تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو. عورت صحافين سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي جي انتها ڪئي، انهن بابت چيو ته انهن کي ”مردن ۾ گهرڻ جو شوق آهي.“ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان جا اوورسيز پاڪستانين ۽ دنيا کي گمراهه ڪرڻ جا ڪڌا حربا به سائفر ۽ ٻين ڊرامن وانگر فلاپ ٿيندا. هن چيو ته عمر??ن خان پروپئگنڊه ڪرڻ بدران ثبوت پيش ??ري نه ته زبان بند ڪري. عمر??ن خان ثبوت کانسواءِ سنگين الزام هنيا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هي پي ٽي آءِ جي بليڪ ميلنگ ۽ بي حسي جو دور نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين الزام رڳو عمر??ن خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو جيڪو روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، جعلي وڊيوز ۽ فوٽوز جاري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو.