لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري د????ا جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دن??ا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن طريقي سان حل ڪرڻو پوندو، پرامن ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ اسان جو پروگرام امن طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي د????ا جي ملڪن مان آيل ??اگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن طريقي سان حل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو ??و.