اسلام آب??د – 14 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير مهدي هنردوست الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا، فلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن??ي شخصيتن ثقافتي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪي?? ڇو ته ٻنهي ملڪن وٽ عالمي سطح تي پ??ش ڪرڻ جي لاءِ عظيم قومي ورثو، روايتون ۽ قدر موجود آهن.