اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏ آيو ته ميمبرن سندن ڀرپور آجيان ڪئي. وزيراعظم ۽ نواز شريف بلاول ڀٽوزرداري جي سيٽ تي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.